Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پتا جو نالو لکيل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 14:1
30 Iomraidhean Croise  

هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ”خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“


پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“


مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي


پوءِ جڏهن مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري گنبذ تي نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي بناوٽ تخت جهڙي هئي.


مون اهو بہ ڏٺو تہ انهن مخلوقات جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هر هڪ جي پاسي ۾ هڪ هڪ ڦيٿو هو. اهي ڦيٿا قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا


پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي اتر واري لنگھہ کان هيڪل جي عمارت جي اڳيان وٺي آيو. مون جيئن ئي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ خداوند جي هيڪل خداوند جي تجليءَ سان ڀري پيئي آهي. تڏهن آءٌ هڪدم منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


پوءِ هن مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جي دروازي وٽ آندو، جتي مون نهاريو تہ ڀت ۾ هڪڙو سوراخ نظر آيو.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


تڏهن مون دانيال نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ شخص ٻيا بہ بيٺا آهن، هڪڙو درياءَ جي اورين ڪناري تي ۽ ٻيو پرين ڪناري تي.


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


اهي پنهنجي وطن کان پري ۽ بي‌وس آهن. بلڪ جيڪي بہ بني اسرائيل جا باقي بچي ويل آهن، تن سڀني کي آءٌ وري بحال ڪري هڪ زورآور قوم بڻائيندس. ان وقت کان وٺي آءٌ خداوند صيئون جبل تان هميشہ تائين مٿن حڪومت ڪندو رهندس.


هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن.


”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي ابنِ آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس.


اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني خدا سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي.


اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan