Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:9
68 Iomraidhean Croise  

خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“


خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“


شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري.


هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


”شل اسان جي هن دشمن تي ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو وڃي، تان‌تہ ڀل اهو اچي مٿس تهمت هڻي!


واہ! اي بابل جا بادشاهہ! تون جيڪو صبح جو روشن ستارو هئين، هاڻي ڏس، ڪيئن نہ آسمان مان هيٺ اچي ڪريو آهين! اي قومن کي پست ڪرڻ وارا! تو کي ڪيئن نہ هاڻي زمين تي اڇلائي پست ڪيو ويو آهي!


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بي‌ضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.


دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو ابليس آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن ملائڪ.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن ابليس کيس آزمائي.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پوءِ ابليس عيسيٰ کي پاڪ شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري


ابليس عيسيٰ کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آسمان مان کِنوڻ اچيو ڪري.


تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“


تڏهن ٻارهن شاگردن مان يهوداہ نالي هڪڙي شاگرد، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو.


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، پوءِ ابليس اچي انهيءَ پيغام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي ايمان آڻي بچي وڃن.


هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن دنيا جي سردار کي گنهگار قرار ڏنو ويو آهي.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ نوراني ملائڪ جهڙو بڻائي ٿو.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني عورت ٺڳجي ويئي ۽ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين.


جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.


اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“


تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.


انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا،


پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آسمان ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀٽڪي ويون آهن.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،


”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن.


پوءِ ابليس جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


جڏهن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan