Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آسمان ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آڪاش ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:8
18 Iomraidhean Croise  

جنهن بہ هنن کي ڏٺو آهي، سو وري کين نہ ڏسندو، نڪي سندن گھر جا ڀاتي ئي وري کين ڏسندا.


اهو پنهنجي گھر وري موٽي نہ ايندو، بلڪ پنهنجي گھر وارن کان بہ اهو وسري ويندو.“


پر جڏهن انهن کي پٽڻ وارو پٽي ڪڍي ٿو، تڏهن ڪنهن کي معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ اتي انهن جي ڪا جاءِ بہ هئي.


”دشمنن مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ستايو، پر تڏهن بہ اهي مون تي ڪڏهن غالب ڪين پيا.


ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ تي خوش ٿي چون تہ ”اسين هن تي غالب پيا آهيون.“


هائو، ٿوري عرصي ۾ ئي اهي اهڙا نابود ٿي ويندا، جو ڳوليا نہ لڀندا.


هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


اهو رسول جي خدمت واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“


اهڙيءَ طرح جن ملائڪن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ عظيم ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا،


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan