Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:4
22 Iomraidhean Croise  

کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا،


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


ماڻهن ازدها کي سجدو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان کي بہ سجدو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“


ان وقت مون ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺا، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتا.


اها عورت جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪمراني ٿو ڪري.“


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي ابليس يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


جڏهن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.


انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.


پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا.


انهيءَ جا پڇ وِڇن جهڙا هئا، جن تي ڏنگ لڳل هئا. انهن ڏنگن ۾ ماڻهن کي پنجن مهينن تائين ايذاءَ رسائڻ جي طاقت هئي.


انهن گھوڙن جو زور نہ رڳو سندن واتن ۾، بلڪ سندن پڇن ۾ بہ هو، ڇاڪاڻ تہ انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا. انهن پڇن ۾ سسيون هيون، جن سان ماڻهن کي ايذاءَ ٿي ڏنائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan