Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻون گھيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہ پنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:11
33 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


پر خدا جو شڪر آهي جو هو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي فتح بخشي ٿو.


پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي.


دنيا تي فتح انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو ايمان آهي تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي؟


پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني خدا جو پيغام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاهدي.


آءٌ يوحنا اوهان جو هم‌ايمان ڀاءُ، عيسيٰ جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، خدا جي بادشاهيءَ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وڌائين.


ازدها کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو عورت جي باقي اولاد، يعني جيڪي خدا جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ عيسيٰ بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون قربان‌گاهہ جي هيٺان انهن جا روح ڏٺا، جيڪي عيسيٰ بابت خدا جي پيغام ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan