Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 11:6
11 Iomraidhean Croise  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ الياس نبيءَ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آسمان مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي رنون‌زالون هيون،


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


ٻئي ملائڪ پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا.


جڏهن ٽئين ملائڪ پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan