Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ان کان پوءِ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 ان کان پوءِ جنهن دوت کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آڪاش ڏانهن کنيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 ان کان پوءِ جنھن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنھن پنھنجو ساڄو ھٿ آسمان ڏانھن کنيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:5
29 Iomraidhean Croise  

ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“


انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ پڪو پَهُہ ڪري ڇڏيو تہ آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ نہ وٺي ويندس، جيڪو مون انهن کي عطا ڪيو هو، جنهن ۾ آسودگيءَ ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


جڏهن آءٌ اوهان کي بني اسرائيل جي سرزمين ۾ يعني انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.


آءٌ خداوند خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهان جي آس‌پاس واريون اهي غير قومون خود ذليل وَ خوار ڪيون وينديون.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون هڪڙي قربان‌گاهہ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’نامعلوم معبود جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


هائو، خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاهر ظهور پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي.


آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ


خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا جو خوف رکندي سندس تعظيم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي عبادت ڪريو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan