Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:10 - Muslim Sindhi Bible

10 مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو ملائڪ کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو دوت کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 مون اھو ننڍڙو ڪتاب ملائڪ کان ورتو ۽ کاڌم. اھو منھنجي وات ۾ ماکيءَ جھڙو مٺو لڳو. پر جڏھن کائي بس ڪيم تہ منھنجو پيٽ ڪڙو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:10
9 Iomraidhean Croise  

شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.


اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن.


مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.


اهو ويڙهوٽو کولي منهنجي آڏو رکيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي گھڻو ڪجھہ لکيل هو. هائو، انهيءَ ۾ آہ وَ زاري، روڄ راڙو ۽ ڏک جا لفظ لکيل هئا.


جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس.


هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي.


پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“


آءٌ انهيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan