مڪاشفو 1:6 - Muslim Sindhi Bible6 ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible6 ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين. Faic an caibideilCommon Language New Testament6 ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين. Faic an caibideil |
پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.