Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:12
11 Iomraidhean Croise  

تون شمعدان جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺهرائج. اهي ڏيئا شمعدان تي اهڙيءَ طرح رکائج جو انهن جي روشني سامهون هجي.


هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن.


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


سو هاڻي جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ لک، يعني اهي ڳالهيون جيڪي هن وقت ٿين ٿيون ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن کان پوءِ ٿينديون.


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز هي آهي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.“


هن مون کي اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan