زبور 99:8 - Muslim Sindhi Bible8 اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي. Faic an caibideilSindhi Bible8 اي خداوند اسان جا خدا، تو انهن کي جواب ڏنو: جيتوڻيڪ تو انهن کي سندن ڪمن جو بدلو ڏنو، تڏهن بہ تون اُهو خدا آهين جنهن کين معاف ڪيو. Faic an caibideil |
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“