Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 99:6 - Muslim Sindhi Bible

6 موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 99:6
16 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون منهنجي آڏو مدد لاءِ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي اڳتي هلن.


تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو. اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين.


تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ اهي تہ مون کي ذري گھٽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.“


ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan