Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 99:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. شل سڀيئي قومون سندس عظيم، ۽ هيبتناڪ نالي جي واکاڻ ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 99:3
20 Iomraidhean Croise  

”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو.


آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، هائو، پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس پاڪ نالي جي واکاڻ ڪريان ٿو.


هن پنهنجي قوم کي ڇڏايو، ۽ ساڻن پنهنجو هميشہ وارو عهد ٻڌو. بيشڪ سندس نالو پاڪ ۽ هيبتناڪ آهي.


خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي.


هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.


اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“


پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.


هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا دنيا ۾ رهندا. اي پاڪ بابا! تون پنهنجي پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا،


سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي.


تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ خدا آهي. جيئن تہ هو غيرت وارو خدا آهي، سو هو اوهان جي حڪم‌عدولي ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan