کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘