Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 5:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هر صبح جو منهنجو آواز تو تائين پهچي ٿو. هائو، صبح جو ئي تو آڏو فرياد رکي آءٌ تنهنجي جواب جو انتظار ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 5:3
15 Iomraidhean Croise  

ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.


پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ۾ اُٿي آءٌ تو کي فرياد ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون کي تنهنجي واعدي تي اميد آهي.


اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.


جيئن چوڪيدار صبح ٿيڻ جو انتظار ٿا ڪن، هائو، جيئن پهري وارا پرهہ ڦٽڻ لاءِ واجھائين ٿا، تيئن آءٌ انهن کان بہ وڌيڪ ڌڻيءَ لاءِ اوسيئڙو ٿو ڪريان.


اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس.


اي منهنجا خدا! آءٌ ڏينهن رات تو کي پڪاريندو ٿو رهان، پر تون منهنجي دانهن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.


اسان پنهنجن دشمنن کي تنهنجي مدد سان ڌڪي ٿي ڪيرايو، ۽ تنهنجي ئي نالي سان پنهنجن مخالفن کي لتاڙي ٿي ڇڏيو.


آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو.


اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ، ڇوجو تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ چڱي آهي. هائو، تون پنهنجي بيحد ٻاجھہ جي ڪري مون تي ڌيان ڏي.


پر اي خدا! تون قديم وقت کان اسان جو بادشاهہ آهين، ۽ تون ئي تہ دنيا ۾ سوڀارو ڪندڙ آهين.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ رهن ٿا، اهي هميشہ تنهنجي واکاڻ پيا ڳائيندا رهن ٿا.


پر اي خداوند! آءٌ تو کي مدد جي لاءِ پيو پڪاريان ٿو، هر صبح منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي ٿي.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ.


صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي عيسيٰ اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي دعا گھريائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan