2 ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“
2 گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.
هائو، جڏهن ماڻهو اسان جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها،
جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي مون تي کلندا ٿا وتن. هو منهنجا چٻرا ٿا ڪڍن ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏيئي هيئن چون ٿا تہ
اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.
بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.
اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟
غصي منجھہ متان اوهين ڪو گناهہ ڪري وجھو، ان جي بجاءِ پنهنجي هنڌ تي ليٽي ماٺ ڪري دل ۾ غور ويچار ڪريو.
منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“
رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“
اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“
تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.
خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.
تو پنهنجو تيرڪمان ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هو، تنهنجو ترڪش ڪيترين ئي کِنوڻين وارن تيرن سان ڀريل هو. تو زمين تي مينهن وسائي ان کي دريائن سان چيري ڇڏيو هو.