2 اي خداوند! ڀلي تون امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ، تون منهنجيءَ دل ۽ منهنجي دماغ جي پرک لهُہ.
2 اي خداوند، منهنجو امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ؛ منهنجي دل ۽ دماغ کي پرک.
تون ٻڌاءِ تہ مون ڪهڙا گناهہ ڪيا آهن؟ مون کان ڪهڙا قصور ٿيا آهن؟ مون کي بہ تہ خبر پوي تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ۽ گناهہ ڪيو آهي.
ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري،
بيشڪ اي خدا! تو اسان کي آزمائي ڇڏيو آهي، جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي.
تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين.
سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو، ۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو، تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي، سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.
آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“