3 شل هو تنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون دل تي ياد رکي! هائو، شل هو تنهنجا سڀ نذرانا قبول ڪري!
3 شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛
هابيل بہ پنهنجي رڍن جا پهريتا ڦر آڻي نذرانو ڏنا. خداوند هابيل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو.
پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربانگاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون.
جڏهن بادشاهہ سليمان اها دعا گھري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ نازل ٿي ۽ قربانگاهہ تي پيش ڪيل ساڙڻ واري قرباني ۽ ٻين قربانين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي.
شال خداوند تو کي صيئون جبل کان برڪت ڏئي، ايتري تائين جو تون پنهنجي سڄي عمر ان تي اڏيل شهر يروشلم جي خوشحالي پيو ڏسين.
شال خداوند صيئون جبل تان اوهان کي برڪت عطا ڪري، هائو، اهو ئي خداوند جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.
پوءِ تون شريعت مطابق ڪيل قربانين کان خوش ٿيندين. هائو، ساڙڻ واري قربانيءَ کان، جيڪا پوريءَ طرح پيش ڪئي ويندي، ائين تنهنجي قربانگاهہ تي وهڙن کي قربان ڪيو ويندو.
قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربانگاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.
ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.
هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.
اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.
اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.