Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 شل خداوند مقدس جاءِ مان تو ڏانهن مدد موڪلي! صيئون جي جبل منجھان شل هو تو کي زور بخشي!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 شل پاڪ مڪان مان هو توکي مدد موڪلي، ۽ صيون منجهان توکي زور بخشي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 20:2
12 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


هيڪل جي پٺئين پاسي نوَن ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڀت ٺهرائي ويئي تہ جيئن الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ڌار ٿي پوي. انهيءَ جي ڀت تي بہ فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جا تختا کوڙايا ويا.


اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.


ڇاڪاڻ تہ ڪي ڌاريا ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. هائو، بي‌ترس ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن. اهي تو خدا جو بہ ڪو لحاظ ڪونہ ٿا رکن.


پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ داخل ٿيس، تڏهن ئي مون انهن ماڻهن جي انجام بابت سمجھي ورتو.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan