3 تون منهنجي گھمڻ ۽ سمهڻ کي چڪاسين ٿو. بيشڪ تون منهنجي سڀني واٽن کي ڄاڻين ٿو.
3 تون منهنجيءَ واٽ هلڻ ۽ منهنجي سمهڻ کي چڪاسين ٿو، ۽ منهنجن سڀني واٽن کان واقف آهين.
جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.
هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي دائود جا تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.
مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.
تہ پوءِ مون جيڪي بہ ڪيو آهي، تنهن کي خدا ڇو نہ ٿو ڏسي؟ هائو، نيڪيءَ ڏانهن منهنجي کنيل هر قدم کي هو ڇو نہ ٿو ڳڻي؟
آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو ٿو رهان. ڏس، منهنجيون سڀيئي واٽون تنهنجي آڏو آهن.
جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻيون آهن. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو جڏهن جاڳان ٿو تہ پاڻ کي تو سان لهان ٿو.
بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي خداوند سان ويساگھاتي ڪندي پنهنجا منصوبا هن کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي ڳجھيءَ طرح منصوبا جوڙي سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪوبہ نہ ٿو ڏسي ۽ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“
هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟
هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري.
جڏهن عيسيٰ هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“