Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 139:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تون منهنجي اٿڻ ۽ ويهڻ کان واقف آهين، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجھي وٺين ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 منهنجي ويهڻ ۽ اُٿڻ جي توکي خبر آهي، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجهيو وٺين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 139:2
17 Iomraidhean Croise  

هاجرہ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو تہ ”ڇا مون سچ پچ خدا کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟“ سو جنهن ساڻس ڳالهايو هو تنهن جو نالو هن ”ڏسندڙ خدا“ رکيو.


پر مون کي تنهنجي سڀ خبر آهي تہ تون ڪٿي رهين ٿو، ڪيڏانهن اچين وڃين ٿو، ۽ منهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪرين ٿو.


سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“


تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.


تون منهنجي ڏکن کي ڄاڻين ٿو. منهنجا لڙڪ تنهنجي سانداريءَ ۾ جمع ٿيل آهن. ڇا منهنجا اهي لڙڪ تنهنجي دفتر ۾ داخل ڪين آهن؟


بيشڪ خداوند انسان جي سوچن کي ڄاڻي ٿو. هائو، خداوند ڄاڻي ٿو تہ انسان جو هر خيال اجايو آهي.


خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.


پر مون کي تنهنجي سڀ خبر آهي تہ تون ڪٿي رهين ٿو، ڪيڏانهن اچين وڃين ٿو، ۽ منهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪرين ٿو.


پوءِ خداوند جو روح مون تي نازل ٿيو ۽ خداوند ماڻهن کي سندس هي پيغام ٻڌائڻ جو حڪم فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي ڪجھہ چئو ٿا ۽ جيڪي بہ منصوبا دلين ۾ جوڙيو ٿا سي سڀ آءٌ ڄاڻان ٿو.


گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


عيسيٰ سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan