Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي خداوند، منهنجا خدا! تون ڌيان ڏي ۽ منهنجو هي عرض ٻڌ، مون کي تندرستي عطا ڪر، متان موت جي ننڊ نہ اچي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 اي خداوند منهنجا خدا، مون ڏانهن نظر ڪري منهنجي ٻڌ: منهنجين اکين کي روشن ڪر، متان موت جي ننڊ اچي وڃيم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 13:3
15 Iomraidhean Croise  

هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي.


اي خداوند! منهنجي مصيبت تي نظر ڪر ۽ مون کي ڇڏائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ مون تنهنجي شريعت کي نہ وساريو آهي.


اي خداوند خدا! تون ئي مون کي روشني ڏين ٿو، هائو، منهنجي اونداهيءَ کي تون ئي دور ڪرين ٿو.


اي خداوند! ڏس، منهنجا دشمن ڪيڏا نہ گھڻا آهن! اهي مون سان ڪيڏو نہ سخت ڪينو ٿا رکن!


تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري، آءٌ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس، ڇوجو مصيبت جي وقت تي تو ئي منهنجي ڏکن تي ڌيان ڏنو آهي.


اي خداوند! منهنجي لفظن تي ڌيان ڏي، منهنجي آهُن تي توجھہ ڏي.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ۽ دشمنن کان مليل منهنجي ڏک تي نظر ڪر. تون مون کي موت جي دروازن تان اٿاري آڻ،


پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي، تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس، جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.


تڏهن يونتن کين وراڻيو تہ ”بابي ماڻهن کي تڪليف ۾ وڌو آهي. ڏسو تہ ٿوري ماکي چکڻ سان منهنجيون اکيون ڪيئن نہ کُلي پيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan