زبور 127:1 - Muslim Sindhi Bible1 جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible1 جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي. Faic an caibideil |
هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.