Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 102:4 - Muslim Sindhi Bible

4 گاهہ وانگر منهنجي اميد بہ ڪومائجي سُڪي ويئي آهي، ايتري قدر جو ماني کائڻ تي بہ دل نہ ٿي ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 102:4
21 Iomraidhean Croise  

سندس درٻار جا امير وٽس آيا ۽ کيس زمين تان اٿارڻ لڳا، پر هو نہ اٿيو ۽ انهن سان گڏ ماني کائڻ کان بہ انڪار ڪيائين.


پوءِ عزرا خدا جي گھر وٽان روانو ٿيو ۽ يهوحانان ولد الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ رات رهيو. جيستائين هو اتي هو تيستائين نہ ڪجھہ کاڌائين ۽ نہ وري ڪجھہ پيتائين، ڇاڪاڻ تہ هن جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي گناهہ تي سوڳ پئي ڪيو.


”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ


منهنجي کل ڪاري ٿي ويئي آهي ۽ جسم تان لهيو ٿي پوي. منهنجي سڄي جان بخار ۾ پيئي ٻري.


جنهن ڪري هن جي جيءَ کي ماني نہ ٿي وڻي، ۽ سندس روح کي عمدو طعام بہ پسند نہ ٿو اچي.


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان.


تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.


اهي گاهہ جيان جلد ئي سڪي سڙي ويندا. هائو، پاڻي نہ ملندڙ ٻوٽي وانگر اهي ڪومائجي ويندا.


هاڻ آءٌ جلاوطنيءَ ۾ دلگير ٿي پيو آهيان، سو آءٌ خدا کي ياد ڪريان ٿو. هائو، جڏهن آءٌ حرمون ۽ مصفار جبلن تي، بلڪ اردن جي پوري علائقي ۾ سندس حضور ۾ ٿي رهيس، تنهن کي آءٌ ياد ٿو ڪريان.


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان.


جڏهن انهن تي خداوند پنهنجو واءُ گھلائي ٿو، تڏهن گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ جھنگلي گل ڪومائجي ٿو. بيشڪ انسان گاهہ کان وڌيڪ جٽادار ناهي.


هن پنهنجي ترڪش جي تيرن سان، منهنجي اندر کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي.


بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي.


اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan