Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 102:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر اي خداوند! تون تخت تي سدائين قائم رهندين، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجي نالي جي يادگيري رهندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر اي خداوند تون سدائين جٽاءُ ڪندين. ۽ تنهنجي يادگيري پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ رهندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 102:12
15 Iomraidhean Croise  

اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.


جڏهن تہ اسين ڪالهوڪا ٻار آهيون ۽ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻون، ڌرتيءَ تي اسان جا ڏينهن هڪ پاڇي وانگر گذريو وڃن.


جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي.


خداوند جو نالو هميشہ ياد ڪيو ويندو. سندس ذڪر سڀني پيڙهين تائين ٿيندو رهندو.


مگر تون خداوند هميشہ جي لاءِ تخت‌نشين آهين، تون پنهنجي تخت کي فيصلي لاءِ قائم وَ دائم رکيو آهي.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.


پر تون اي خداوند! هميشہ هميشہ تائين حڪمران رهندين. هائو، تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو.


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan