Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 101:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ روزانو ملڪ جي هر بڇڙي کي ناس پيو ڪندس. خداوند جي شهر مان آءٌ هر بدڪار کي برباد ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 آءٌ هر روز صبح جو ملڪ جي سڀني بڇڙن کي برباد ڪندس؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شهر مان سڀني خطاڪارن کي تباهہ ڪري ڇڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 101:8
16 Iomraidhean Croise  

هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي.


سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.


قادرِمطلق خداوند جي شهر ۾ جهڙا عجيب ڪم اسان ٻڌا هئا، تهڙا ئي عجيب ڪم اتي اسان کي ڏسڻ ۾ آيا. بيشڪ خدا انهيءَ شهر کي هميشہ تائين قائم رکندو.


هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.


پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.


بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو.


عقلمند بادشاهہ بدڪارن کي ڳوليو ڪڍي، ۽ کين سختيءَ سان چيڀاٽيو ڇڏي.


بادشاهہ جيڪو عدالت ۾ انصاف ٿو ڪري، سو هر بڇڙائيءَ کي پرکي وٺي ٿو.


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو، ۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan