Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 101:6 - Muslim Sindhi Bible

6 منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تان‌تہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 101:6
16 Iomraidhean Croise  

آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.


انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.


خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن.


جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


ان کان پوءِ ڪڍيل پٿرن جي جاءِ تي ٻيا پٿر لڳايا وڃن ۽ نئون گارو ٺاهي گھر کي ليپو ڏياريو وڃي.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan