Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زبور 101:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زبور 101:5
25 Iomraidhean Croise  

توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


اهي پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن بہ ڪنهن جي گِلا نہ ٿا ڪن، نڪي هو ڪنهن سان ڪا بدي ٿا ڪن، ۽ نہ ئي وري ڪنهن تي ڪا تهمت ٿا هڻن.


نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.


اوهين پنهنجي ئي قوم جي ڀاءُڀيڻ جي خلاف ويهي ڳالهايو ٿا، بلڪ اوهين تہ پنهنجي ماءُ ڄائين جي بہ گلا ڪندا ٿا وتو.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.


”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو.


جيڪو پنهنجي نفرت کي لڪائي ٿو، سو ڪوڙو ماڻهو آهي، ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بي‌وقوف آهي.


چغلخور ماڻهو راز کي راز ۾ رهڻ نہ ٿو ڏئي، تنهنڪري اهڙي بڪواسي ماڻهوءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.


بدڪار ماڻهو مغرور ۽ هٺيلا ٿا ٿين. هائو، سندن زندگي گناهن سان ڀريل ٿي ٿئي.


جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.


تنهنجي رهاڪن مان ڪي چغلخوري ڪندي خون ٿا ڪرائين ۽ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو ٿا کائين ۽ زناڪاري ۽ بدفعلي پيا ڪن.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.


ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،


اي انسانؤ! اوهين مغروريءَ مان ايترو گھڻو نہ ڳالهايو، اوهين پنهنجي زبان مان تڪبر واري ڳالهہ نہ ڪڍو. جيئن تہ خداوند خدا هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو، سو هو ئي آهي جيڪو سڀني جي عملن کي توريندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan