4 آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس.
4 ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس.
سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.
آءٌ بيهودن ماڻهن سان ڪڏهن گڏجي ڪين ويٺو آهيان، نہ ئي مون ڪڏهن دوکيبازن جو ڪو ساٿ ڏنو آهي.
بدڪارن جي ٽولي کان مون کي نفرت آهي. آءٌ انهن بڇڙن سان ڪڏهن ڪين ويٺو آهيان.
اي سمورا بدڪارؤ! اوهين مون کان ڀڄي پري ٿيو، ڇوجو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو آهي.
بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري.
جيڪي غصيلا آهن تن سان دوستي نہ رکو، بلڪ انهن سان گڏ بہ نہ گھمو.
سچار کي بدڪار کان ۽ بدڪار کي سچار کان نفرت آهي.
ڇاڪاڻ تہ ڏنگي ماڻهوءَ کان خداوند کي نفرت آهي. پر سچارن کي هو پنهنجو گھاٽو دوست رکي ٿو.
خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.
جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.
پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“
پر آءٌ هڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان هيٺ لاٿو ويس ۽ هن جي هٿان بچي نڪتس.
تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“