1 آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس.
1 آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس.
تنهنجي عظيم احسان جي واکاڻ پيئي ٿيندي، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي عدل وَ انصاف جا گيت ڳايا ويندا.
اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.
اي خداوند! شل تنهنجي لافاني شفقت جا گيت آءٌ سدائين ڳائيندو رهان. شل پيڙهي بہ پيڙهي آءٌ تنهنجي وفا بيان ڪندو رهان.
بيشڪ صبح جي وقت تي تنهنجي دائمي شفقت جو ذڪر ڪرڻ، ۽ رات جي وقت تي تنهنجي وفا جو بيان ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي.
اي خداوند! تنهنجي انصاف وارن فيصلن سبب يروشلم وارا سرها ٿين ٿا، بلڪ يهوداہ جا سمورا شهر خوشيون ملهائين ٿا.
اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.
سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.