4 انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.
4 ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:
خداوند سادن سٻاجھن جي حفاظت ڪري ٿو. سو جڏهن آءٌ دٻجي ويو هئس تڏهن هن مون کي بچائي ورتو.
تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.
جوان ماڻهو ڪيئن پنهنجي چال کي پاڪيزہ رکي ٿو سگھي؟ انهيءَ جي لاءِ هن کي تنهنجي فرمان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.
آءٌ ڏاهپ آهيان، ۽ سمجھہ منهنجي تمام گھاٽي سهيلي آهي. ڄاڻ ۽ دانائي منهنجي هٿ ۾ آهن.
جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.
ڏاهپ وڌيڪ ٿي چوي تہ ”تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڳا آهن اهي جيڪي منهنجي رستن تي ٿا هلن.
اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بيوقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.
اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.
اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بيوقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.
سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘
تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ.
ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار زندگي گذارين.