Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:21 - Muslim Sindhi Bible

21 عيسيٰ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل هر هڪ کي سلام ڏجو. جيڪي هم‌ايمان ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 سڀ ڪنهن پاڪ ٿيل شخص کي مسيح يسوع ۾ سلام ڏجو. جيڪي ڀائر مون سان آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

21 يسوع مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل هر هڪ کي نمسڪار ڏجو. جيڪي وشواسي ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي نمسڪار ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

21 عيسيٰ مسيح جي سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. جيڪي ايمان وارا مون سان گڏ آھن سي اوھان سڀني کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:21
11 Iomraidhean Croise  

وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير ايمان وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


جيڪي ايمان وارا هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي ڪليسيائن ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن.


سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو طهريل نہ هو، تڏهن بہ مٿس طهر ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan