Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهن هوندي بہ جيڪي شيون منهنجي فائدي جون هيون، سي مون يسوع مسيح جي خاطر نقصان سمجهيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 پر جيڪي ⁠بہ ڳالھيون منھنجي فائدي جون ھيون، سي مون مسيح جي خاطر نقصان سمجھيون آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:7
20 Iomraidhean Croise  

ٻاهر پهچڻ کان پوءِ ملائڪن مان هڪڙي چيس تہ ”پنهنجي جان بچائي ڀڄ، پٺتي اصل نہ نهارجانءِ ۽ نہ ئي وري هن ميدان ۾ ترسجانءِ. هنن جبلن ڏانهن ڀڄي وڃ تہ جيئن مرڻ کان بچي وڃين.“


لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو تہ اها لوڻ جو ٿنڀو ٿي پيئي.


تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ، انسان پنهنجي حياتي بچائڻ جي عيوض ۾ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي سو سڀ ڏيئي بہ ڇڏي تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي.


دولتمند پنهنجي دولت جي عيوض دشمنن کان پنهنجي جان ٿو ڇڏائي، مگر غريب ماڻهوءَ کي اهڙو ڪوبہ ڊپ ناهي.


سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.


ڳولي لهڻ جو وقت هجي توڙي وڃائڻ جو، سانڍي رکڻ جو وقت هجي توڙي اڇلائي ڇڏڻ جو،


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو تڏهن هنن جهاز تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ پيل سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.


هن مسيح جي خاطر بي‌عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري اجر تي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan