Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مذهبي غيرت جي لحاظ کان آءٌ ڪليسيا جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن شرعي طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 ڌرمي غيرت جي لحاظ کان آءٌ وشواسي منڊليءَ جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن يهودين جي نيم طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:6
25 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود بادشاهہ جِبعونين کي گھرائي ساڻن ڳالهايو. اهي جِبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا بلڪ اهي باقي بچيل امورين مان هئا ۽ بني اسرائيل هنن جي حفاظت ڪرڻ جو ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو. پر سائول بني يهوداہ ۽ باقي بني اسرائيل وارن جي جوش ۾ هنن سڀني کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو.


ييهوءَ کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي هل ۽ ڏس تہ خداوند لاءِ مون کي ڪيڏي نہ غيرت آهي.“ پوءِ هو ساڻس گڏ سندس جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو.


سو اوهين حد کان وڌيڪ نيڪ ۽ ڏاها بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهين زندگيءَ مان مايوس ٿي ويندا.


پر جيڪڏهن اهو ڪچو ماس ڦري اڇو ٿي پوي تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي خبر آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، جيڪي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.


وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس.


سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


ڪو وقت هو جڏهن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو هئس. پر جڏهن شريعت وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن گناهہ جيئرو ٿي پيو


اوهين ڪنهن جي بہ گمراهہ ٿيڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا خدا جي ڪليسيا.


آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


پوءِ شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين کيس قتل ڪريون. هن بعل ديوتا جي قربان‌گاهہ ڊاهي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جي پاسي وارو يسيرہ ديويءَ جو ٿنڀو بہ وڍيو اٿس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan