Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ خدا انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تنهنڪري اسان مان جيڪي بہ ڪامل آهن، تن کي اهو خيال رکڻ کپي: ۽ جي ٻيءَ ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هوندو، تہ خدا اهو بہ اوهان تي ظاهر ڪندو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 تنهنڪري اسان مان جيڪي آتما جي لحاظ کان بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ ايشور انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

15 تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:15
21 Iomraidhean Croise  

اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آهي.“


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو ايمان مضبوط آهي سي ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.


منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون.


اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو.


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


مطلب تہ پاڪ لکت جو مقصد اهو آهي تہ خدا جا ٻانها هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


پر جيڪو خدا جي پيغام تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ خدا جي محبت مڪمل ٿي چڪي آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين خدا ۾ آهيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan