Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:4
14 Iomraidhean Croise  

هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“


خدا، جنهن جي فرزند بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي دل وَ جان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪندي


تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙي محبت رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.


ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي صليب جا دشمن آهن.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي عزيزؤ! خداوند عيسيٰ ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.


اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا ادا ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.


اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan