Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ هئا جيڪي مُڙدي کي ڇهڻ سبب ناپاڪ ٿي پيا هئا، جنهن ڪري اهي عيد فصح ملهائي نہ ٿي سگھيا. تنهنڪري هو انهيءَ ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 9:6
16 Iomraidhean Croise  

موسيٰ پنهنجي سهري کي وراڻيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ماڻهو خدا جي مرضيءَ بابت پڇا‌ڳاڇا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.


هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر.


اهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهندا هئا. منجھيل فيصلو موسيٰ وٽ آڻيندا هئا ۽ سولو فيصلو هو پاڻ ڪندا هئا.


۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.


”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


هو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو موسيٰ، اليعزر ڪاهن، اڳواڻن بلڪ سڄيءَ قوم جي اڳيان اچي بيٺيون ۽ چوڻ لڳيون تہ


موسيٰ انهن جو معاملو خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو.


”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.


کين اچي چيائون تہ ”اسين هڪ مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پيا آهيون، پر جيڪر اسان کي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان گڏ خداوند جي لاءِ مقرر ڪيل وقت تي نذراني پيش ڪرڻ کان نہ روڪيو وڃي.“


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan