Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 9:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان چند ڏينهن بيهندو هو. بهرحال هو خداوند جي حڪم موجب ئي منزل ڪري ويهندا هئا ۽ انهيءَ جي ئي حڪم موجب منزل کڻي هلندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 9:20
8 Iomraidhean Croise  

”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.


پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.


هو موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب پهريون ڀيرو هن طرح منزل کڻي هليا:


يعني بني اسرائيل خداوند جي حڪم تي منزل کڻي هلندا هئا ۽ سندس ئي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا. جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان رهندو هو تيستائين هو اُتي منزل ڪري ويٺا هوندا هئا.


جڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان گھڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب ويٺا رهندا هئا ۽ اڳتي منزل کڻي ڪين هلندا هئا.


ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو تڏهن هو منزل کڻي هلندا هئا. ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهيءَ وقت هو منزل کڻي هلندا هئا.


سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan