Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 9:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان گھڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب ويٺا رهندا هئا ۽ اڳتي منزل کڻي ڪين هلندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن ڪڪر خيمي جي مٿان گهڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو، تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب خدمت ڪندا هئا، ۽ اڳتي ڪوچ ڪين ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 9:19
7 Iomraidhean Croise  

پر جيستائين اهو ڪڪر مٿي کڄي نہ ويندو هو تيستائين اهي اڳتي سفر نہ ڪندا هئا.


اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.


يعني بني اسرائيل خداوند جي حڪم تي منزل کڻي هلندا هئا ۽ سندس ئي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا. جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان رهندو هو تيستائين هو اُتي منزل ڪري ويٺا هوندا هئا.


ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان چند ڏينهن بيهندو هو. بهرحال هو خداوند جي حڪم موجب ئي منزل ڪري ويهندا هئا ۽ انهيءَ جي ئي حڪم موجب منزل کڻي هلندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan