ڳاڻاٽو 9:13 - Muslim Sindhi Bible13 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو. Faic an caibideilSindhi Bible13 پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو. Faic an caibideil |
خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.