Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هو انهيءَ کاڌي مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچائين ۽ نہ وري گوشت مان ڪو هڏو ڀڃن. هو عيد فصح ملهائڻ وقت ان جا سمورا قاعدا بجا آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 9:12
7 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


عيد فصح جي ماني جنهن گھر ۾ تيار ڪئي وڃي، سموري اتي ئي کائجي. انهيءَ جي گوشت مان ڪجھہ بہ گھر کان ٻاهر کڻي نہ وڃجي، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃجي.


انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


جڏهن تہ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي ڏسندي سندن سڄي سفر دوران، ڏينهن جي وقت خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو ۽ رات جي وقت ڪڪر ۾ باهہ رهندي هئي.


انهيءَ لاءِ هو هن مهيني جي چوڏهين تاريخ تي سج لهڻ وقت سڀني قاعدن قانونن موجب اها ملهائين.“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan