Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:26 - Muslim Sindhi Bible

26 اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:26
10 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح لاوي مقدس خيمي ۽ ان جي مخصوص شين جي حفاظت وارن قاعدن مطابق بني هارون يعني ڪاهنن جي نظرداريءَ هيٺ خداوند جي هيڪل جي خدمت ڪندا ٿا اچن.


انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.


اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري.


هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جو وڏو سردار هو. جيڪي مقدس خيمي جي سنڀال ڪندا هئا، تن مٿان هن کي مقرر ڪيو ويو هو.


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.


انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan