25 پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.
25 ۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.
جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.
”لاوين جي باري ۾ هي حڪم آهي تہ جن جي عمر پنجويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي سي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهن.
اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“
آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.