Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:20 - Muslim Sindhi Bible

20 سو موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم لاوين سان بلڪل ائين ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:20
7 Iomraidhean Croise  

سو سڄي بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“


لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائون. پوءِ هارون کين خداوند جي حضور ۾ سندس مخصوص حصي طور پيش ڪيو. هن کين پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ادا ڪيو.


جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.


تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو عيد فصح ملهائي. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan