Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:19 - Muslim Sindhi Bible

19 بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:19
12 Iomraidhean Croise  

سو سڄي بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“


پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي.


سو موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم لاوين سان بلڪل ائين ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan