Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:18
5 Iomraidhean Croise  

پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.


”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“


تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.


جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا نر، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا هئا.


بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan