Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:14 - Muslim Sindhi Bible

14 کين بني اسرائيل مان ڌار ڪر، تہ جيئن اهي منهنجا ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 انهيءَ طرح تون بني اسرائيل مان لاوين کي ڌار ڪر، پوءِ لاوي منهنجا ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:14
13 Iomraidhean Croise  

قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


مون اوهان جي مائٽن يعني بني لاويءَ کي بني اسرائيل مان بخشش طور اوهان جي لاءِ چونڊي کنيو آهي. اهي مون خداوند جي لاءِ وقف آهن، تہ جيئن مقدس خيمي ۾ خدمت ڪن.


”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“


”هاڻ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ وقف ڪر ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جي چوپائي مال کي منهنجي لاءِ وقف ڪر. لاوي مون خداوند جا ٿيندا. آءٌ خداوند آهيان.


تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي،


اهڙيءَ طرح تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان بيهاري مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري


جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا نر، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا هئا.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


پر خدا پنهنجي فضل سان مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي خدمت لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan