Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ هارون بني لاوين کي خداوند جي حضور ۾، بني اسرائيل جي پاران لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪري؛ انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:11
9 Iomraidhean Croise  

اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي.


اهو هو پاڻ پنهنجي هٿن سان مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور آڻي. هو چرٻي سيني سميت کڻي اچي تہ سينو هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


انهيءَ سبب جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان سينو هٿن تي بلند ڪري قربانيءَ طور ۽ ران خاص نذراني طور هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل تي هنن جو حق رهندو.“


تڏهن هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون ۽ کانئن هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرايون.


پوءِ موسيٰ گھٽي جو سينو کڻي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. مخصوصيت واري گھٽي مان اهو ئي موسيٰ جو حصو هو. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تيئن ڪيائين.


تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan