Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:84 - Muslim Sindhi Bible

84 قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ واري ڏينهن تي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن جيڪي نذرانا ڏنا تن جو جوڙ هن ريت آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

84 سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:84
11 Iomraidhean Croise  

تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج.


جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين.


قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون.


ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ هر هڪ جي تور هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام، ٻارهن چانديءَ جا پيالا هر هڪ جي تور ست سؤ گرام. انهن سڀني جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق جملي چوويهہ ڪلوگرام هئي.


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن رسولن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan