Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربان‌گاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ سڀ ڪو سردار قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجي پنهنجي ڏينهن تي پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻي پيش ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:11
5 Iomraidhean Croise  

قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون.


سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ


پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan